سائل خواجو

سائل خواجو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’ٽيهه اکريون‘ (ڀاڱو ٻيو) ۾ سائل خواجي بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”خواجه حافظ سليمان التخلص سائل ڳوٺ کهڙا ضلعي خيرپور جو ويٺل هو، سندس والد جو نالو حافظ سعد الله خواجو هو. هي ٻئي پيءُ ۽ پٽ قرآن مجيد جا حافظ هئا. سائل خواجو درويش صفت شاعر هو، سندس مولود، مداحون، خطبا ۽ ٽيهه اکريون مشهور آهن. 80 ورهين جي ڄمار ۾ سائل خواجي 1940ع ڌاري وفات ڪئي.“ سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
الف اول آهه الله، تنهنجي پٺيان پوءِ بي بس آهي،
سمجهه سائل تون هي جڳ سارو، ترت تماشو طلسم وارو،
پاڻ ڀانئي بادشاهه، پر ٻانهو ڀي پورو ناهي.


لفظ سائل خواجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو